حَڪِيمُ جي سنڌي معنيٰ
ويچاروان، حڪمت جو ڄاڻو، عقلمند، ڏاهو، سياڻو، داناءُ. فيلسوف، طبابت جو ڄاڻو، علاج ڪندڙ. ويڄ، طبيب، ڊاڪٽر. خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
حڪيم: (ع) حڪمت جو صاحب، سياڻو، دانا.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
The wise, a doctor, a physician, A name of Allah
حَڪِيمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]
English Meaning
The wise, a doctor, a physician, A name of Allah
حَڪِيمُ ٻول جا زمرا