تَحصِيلَ جي سنڌي معنيٰ
پوريءَ طرح حاصل ڪرڻ جي حالت. تعليم جي تڪميل، سکيا حاصلات، نفعو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Collecting, getting, acquiring, learning, gain, acquisition, profit, attainment.
تَحصِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين،
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ،
توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا طُوفانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 7 ]

سَنئين سُونھائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،
طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اِيءَ اورِئان ئِي آھي،
مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آھِ نَہ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، مجازي مام، 11 ]