بُڪاءُ جي سنڌي معنيٰ
دانھُون ڪُوڪُون، روڄ، راڙو، ماتم، آھ و زاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Crying, weeping, lamenting.
بُڪاءُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِياءُ،
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 4 ]
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 4 ]
English Meaning
Crying, weeping, lamenting.