اِثباتَ جي سنڌي معنيٰ
ثابتي، ثبوت. مضبوطي. دعويٰ. اقرار. بقاءُ. (الله تعاليٰ جي هستيءَ جو اقرار. ”لااِله نفي آهي ۽ ”الاّ اللهُ“ اِثبات.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Affirmation, recognition, confirmation, verification, establishing.
اِثباتَ جا بيتن ۾ حوالا
ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا نانهِنُ بِہ نَمُونُو،
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]
نَفِيءَ ۽ اِثباتَ کان، اَڃا پَنڌُ اُونُهو،
جوڳِيءَ سِرُ جُهونُو، آھي عَهدَ جُڳاتَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 22 ]
آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاھي شَڪُ،
ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 22 ]
ھِيءُ جَنھِن ۾ حَقُ، تَنھِن نَفِيءَ جِھَڙو ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 22 ]
English Meaning
Affirmation, recognition, confirmation, verification, establishing.