اُڪارِئو جي سنڌي معنيٰ
مٿي ڇڪي ڪڍو، چاڙهيو. پار لنگهائيو، ٻيءَ ڪنڌيءَ رسايو، اُپڙائيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pull up, guide to passing, (To take down, cause to descend, to accompany or escort, to settle a dispute.)
اُڪارِئو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ،
صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 42 ]