اُپَڙِئا جي سنڌي معنيٰ
مٿي ٿيا، کڄيا. اُسِريا. وڌيا ويجهيا، مٿي چڙهيا. پيدا ٿييا. اُڀريا، ظاھر ٿيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Grown up, increased, improved, got better.
اُپَڙِئا جا بيتن ۾ حوالا
لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا،
ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 16 ]
ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 16 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ ،
سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 17 ]
سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 17 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
English Meaning
Grown up, increased, improved, got better.