اُلِٽِي جي سنڌي معنيٰ
اُبِتي، ڦريل. ٻيءَ طرح، بِرعڪس. نرالي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reverse, paradox, enigma, abnormal
اُلِٽِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين،
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
English Meaning
Reverse, paradox, enigma, abnormal