اُلَھِي جي سنڌي معنيٰ
هيٺ لھِي. سج جو لھِي، غروب ٿِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To descend, set as soon, dismount, disembark, light or slight.
اُلَھِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا،
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]

ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين،
سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ،
تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 13 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو،
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

اُلَھِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچارِيءَ وَڻِڪارَ تي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 7 ]

اُلَھِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرِ ٻاروچَنِ جا.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 8 ]