اُساٽَ جي سنڌي معنيٰ
تپش، ساڙو، سوزش، تڪليف، ڏينھن لڳڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Heatwave, sunstroke, heat radiation of sun.
اُساٽَ جا بيتن ۾ حوالا
جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو،
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 22 ]
ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 22 ]
پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو،
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ،
ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي پاڻِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 23 ]
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ،
ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي پاڻِي ڪِئو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 23 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ،
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
English Meaning
Heatwave, sunstroke, heat radiation of sun.