آھَرَ جي سنڌي معنيٰ
آڌار، ٽيڪ، جهلو. واهَر. پھچ، طاقت، پناھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Support, shelter, approach.
آھَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]

تيلُ نَہ لايان تُنھِنجو، مُون مارُو مَنِ،
ڪَرِيان ٻِي نَہ ڪَنِ، آھَرَ اُنِھين آھِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 5 ]

ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جٖي پارِ پَوَندِيُون،
ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ،
جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 10 ]