ھِنگلاجَ جي سنڌي معنيٰ
بلوچستان جي جبل ۾ هڪ مڪان جو نالو، ناٿ پنٿي هَٽ يوگين جو آستان، جاترا جو ماڳ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Riverside Hindu pilgrimage temple in a cave within a deep gorge, with a mud altar & sacred stone. In Baluchistan a peak of a hill here a temple is situated.
ھِنگلاجَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ گُروءَ جي گَسِ،
ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 11 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ،
ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ،
نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ سِڪَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 12 ]

سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين،
ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ،
نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،
سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيين، سوئِي پَنڌُ سَندونِ،
ھُو جو تِيرَٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونھايومِ،
نِڪِرُتُون نانِيءَ ڏي، ڪَنوٽِيَنِ ڪَھِيومِ،
ڏوري مَنجهان ڏُونگَرين، روئِيءَ رَندُ لَڌومِ.
[ سُر پورب، وايون، 2 ]