ڳَھُ جي سنڌي معنيٰ
زيور، ڳھڻو. جنسار، زيب. گروي، رهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An ornament for the person, jewels.
ڳَھُ جا بيتن ۾ حوالا
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچِيءَ سِرِ ڳَھُ ٿِئو،
ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 18 ]
ٻِيُون ڪوھُ ٻُجَهنِ، قَدُرُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 18 ]
English Meaning
An ornament for the person, jewels.