ڪَپِڙا جي سنڌي معنيٰ
بت تي پھرڻ لاءِ لٽا، چيررَ، لباس، لُڳڙَ، وَڳا، اوڇڻ، اوڍڻَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cloth, an article of apparel. (plu. Clothes.)
ڪَپِڙا جا بيتن ۾ حوالا
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي،
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 11 ]

اَڳي اِيئَن ھُياسِ، جِيئَن پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا،
ھاڻي اِيئَن ٿِياسِ، جِيئَن جَتَ نَہ نِينمِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 16 ]
ھاڻي اِيئَن ٿِياسِ، جِيئَن جَتَ نَہ نِينمِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 16 ]
اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا،
گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 19 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا،
گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 19 ]
اوٺِي اَڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَ سُرَنگَ،
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا،
گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ،
جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،
وَتَنِ ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
ووءِ ووءِ تَنِ نَہ وِسَرِي، ھوءِ تَنِي جي حالَ،
کامِي کُوري وِچَ ۾، پاڻان ٿِئَڙا پَيمالَ،
بابُو بيکارِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
ماءُ مُنھِنجي جوڳِيين، ڪَنين ڪُنِرَ لالَ،
اُڀِي اوطاقُنِ ۾،ڪَرَ موڙِئائُون ڪالَهہ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، جَڏا مَنجِهہ جَمالَ.
[ سُر پورب، وايون، 8 ]

بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا،
مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 23 ]
مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 23 ]
ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي پُورِي نَہ ٿِئي،
جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 40 ]
جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 40 ]
English Meaning
Cloth, an article of apparel. (plu. Clothes.)