ڪَنگَنِ جي سنڌي معنيٰ
ٻَگن، ٻَگهہ پکين، ٻَگهلن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Water-fowls, cranes, herons.
ڪَنگَنِ جا بيتن ۾ حوالا
اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ،
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 10 ]
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 10 ]
اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو،
وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ،
سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 11 ]
وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ،
سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 11 ]
ڪُسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرُ ساڱاھيجِ،
ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ،
ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 12 ]
ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ،
ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ سين.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 12 ]
ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ،
ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 6 ]
ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 6 ]
ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 24 ]
لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ کي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 24 ]
English Meaning
Water-fowls, cranes, herons.