ڪَرٽُ جي سنڌي معنيٰ
آرو، وڏن بُنڊن کي چيرڻ جو هڪ اوزار. وڏي ڪارائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sawyer’s saw.
ڪَرٽُ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]
ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو،
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]
ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو،
پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي،
سَندِي دَردَ دَئِي، ھئَي ھئَي ھيٺاھِين ڪِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 29 ]
پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي،
سَندِي دَردَ دَئِي، ھئَي ھئَي ھيٺاھِين ڪِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 29 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو،
ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 6 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ،
ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 8 ]
ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 8 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ،
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ،
ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 7 ]
English Meaning
A sawyer’s saw.