چاڙِھيڪا جي سنڌي معنيٰ
جبل جا ڏُکيا چاڙها. اُڀا لَڪَ. جبل جا ڏاڪا. هُرلن چاڙهڻ جا وقت، شام جو وقت جنھن مھل پکي پنهنجن آکيرن ۾ يا واهيرن تي ويهن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Peaks of mountains, fares, hire for conveying anything. An ascent.
چاڙِھيڪا جا بيتن ۾ حوالا
جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا نيڻين،
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳَڻَ ڳَھِئو ھِنيُونن.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 13 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چَکِئَمِ چاڙِھيڪا،
اَدِيُون آڙِيڪا ھِينئَڙي پِئا ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 21 ]
اَدِيُون آڙِيڪا ھِينئَڙي پِئا ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 21 ]
ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ،
پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 22 ]
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ،
پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 22 ]
جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين نِتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ،
سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[ سُر پورب، جوڳي، 12 ]
آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ،
سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[ سُر پورب، جوڳي، 12 ]
English Meaning
Peaks of mountains, fares, hire for conveying anything. An ascent.