ڄارُ جي سنڌي معنيٰ
مڇين ڦاسائڻ لاءِ، ڏور مان ٺهيل ڄاري، رَڇُ، ڀَنُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A fishing net.
ڄارُ جا بيتن ۾ حوالا
اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائَڻَ آيُون،
ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 12 ]
ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ، جُهلي جَهٻيرَنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 12 ]
مي ھَٿَ ۾، مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،
سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 13 ]
سَڄو ڏِينھُن شِڪارُ، ڪِينجُهرَ ۾ ڪالَهہ ھو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 13 ]
English Meaning
A fishing net.