ڀَلِيءَ ڀَتِ جي سنڌي معنيٰ
چڱيءَ ريت، چڱيءَ طرح.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Properly, with good manners, having good way.
ڀَلِيءَ ڀَتِ جا بيتن ۾ حوالا
سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو،
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
پِريَتَڻِي پِرِيَنِ جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 21 ]
ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ،
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ،
اَندَرِ وَھي اُبَتِ، سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 28 ]
مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ،
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ،
تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 15 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ،
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
ھُو جي ڏِھائِي ڏيھَ جا، تَڻِ پُڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينھَن سين.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 16 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
ساھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مان اُڪارِئين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 16 ]
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]
اوٺِي اَڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا،
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا،
کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 20 ]
ٿَڙي تان ٿَڙا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوان،
مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران،
زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو ٿَئي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 24 ]
مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران،
زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو ٿَئي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 24 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ،
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 3 ]
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 3 ]
English Meaning
Properly, with good manners, having good way.
ڀَلِيءَ ڀَتِ ٻول جا زمرا