پاران جي سنڌي معنيٰ
ٻِي ڀر کان، هن پار کان. پرئين طرف کان، طرفان، ڀران. جي عوض.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
From, by.
پاران جا بيتن ۾ حوالا
نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا،
وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 24 ]
وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 24 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا،
پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.
[ سُر آسا، مجازي مام، 3 ]
پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.
[ سُر آسا، مجازي مام، 3 ]
راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي،
سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.
[ سُر آسا، مجازي مام، 4 ]
سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.
[ سُر آسا، مجازي مام، 4 ]
English Meaning
From, by.