ٻانگَ جي سنڌي معنيٰ
مسلمانن ۾ نماز جو سڏ، اذان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The Adhan, call for prayer
ٻانگَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]

ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ،
ٻُڌائُون سا ٻانگَ، ڪَندا ڪوھُ نِمازَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 18 ]

اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ،
نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ،
لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 5 ]

نَڪِي پَڙَهنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻُڌَنِ ٻانگَ،
وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 27 ]
وِچان واري لانگَ، اُوءِ آڌُوتِي عَدَمُ ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 27 ]
لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،
جَا اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ،
سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 17 ]