وَڻي جي سنڌي معنيٰ
خوش لڳي، خوش ڪري، پسند ڪري، پسند پوي. مرضيءَ تي ڪري. راضي ٿي. سٺو ڏسڻ ۾ اچي. ڀانئين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To please, suit, agree with, to choose, approve of.
وَڻي جا بيتن ۾ حوالا
اُٿِيارِي اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
حَبِيبَ ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 1 ]
ھَڏِ نَہ وَڻي ھاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصالَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 2 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 2 ]
اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَفِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي ڪِينَڪِي،
ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا،
آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 18 ]
ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا،
آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 18 ]
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ،
پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 29 ]
جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ،
پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 29 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي،
توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي، سَھِسين ڀَتين سِينگارُ،
وَھمَ لَھي وينجهارُ، دِلِيُون پَرَکي داسَڙو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 20 ]