وَسِيلا جي سنڌي معنيٰ
حمايتي، سرپرست، مربي. اَجها، آڌار. ذريعا، حليا. واسطا، پناھ، آسرا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A patron, protector, supporter. Protection, shelter.
وَسِيلا جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، ھَئَي وِئا حِيلا،
سُهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀَ وِڃايا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 29 ]

گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،
عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 35 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ،
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 36 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ،
سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ،
ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي سَڏَ سُڄَنِ،
توڏِي اُتَئِي تَري، جِتِ وَسِيلا وَڃَنِ،
اُتي اَتارُنِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگَهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 8 ]

واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 8 ]