ويسَلِي جي سنڌي معنيٰ
غافل، ويساري، ويسري، وسُوڙي. ڳھيلو. بي خبر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Unknown, ignorant woman, one female who forgets.
ويسَلِي جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي،
تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
سي پُڻ رُوَندا رَتُ وِئا، مِڙِئا جٖي مَرِي،
سُتي سَڄَڻُ نَہ مِڙي، آھي اِيءَ ڳَري،
ٻِيُون اِنَ اوسِيڙي آڌِيءَ اُٿِيَنِ، تُون ڍاڳي ڍَرِي،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَرَ ڏي دِلِ وَري،
ويئِي ميرائِي مَنَ مان، سَڀَڪا ڳالِهہ سَرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 6 ]

پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]

ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ،
مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو، تُون آئِي نِهارِئين اَڄُ،
ڪالَهہ سِبايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پاتُئِي اَڄُ،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورانھُون اَڄُ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 3 ]