نامَ جي سنڌي معنيٰ
نالي، نانءَ، اسم. لقب، خطاب، سرنامي، ناموسَ، ساراھَ، هاڪَ، نيڪي، شھرت، جَس، ڌاڪي، هَڪَل، ناماچار. ڀَرم، ساکَ، آبرو، عزت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name, fame, reputation. A noun.
نامَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ،
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِي پُڇُ پِيادِيُون، اللهَ لَڳِ عَلامَ،
جا نَوازِي آن جي نامَ، سا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 14 ]

تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]

ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين،
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون کي مَحبُوبَنِ جي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 8 ]
English Meaning
Name, fame, reputation. A noun.