مُورائِين جي سنڌي معنيٰ
موراھين، مورھين، مورئون، اصل، هرگز، بلڪل، بِنھ، هڏ، ڪڏهين بہ، ماڳھين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Completely, wholly, in the least, at all.
مُورائِين جا بيتن ۾ حوالا
اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين،
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 11 ]
وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو،
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو،
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
لَکَڻَ ڪِيمَ ڳَڻيجِ، جِيئَن مُورائِين ناھِ مُون،
مُون کي مَلَهائِيجِ، وارو ڏيئِي وَلَها.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 6 ]
مُون کي مَلَهائِيجِ، وارو ڏيئِي وَلَها.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 6 ]
پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]