لَحظي جي سنڌي معنيٰ
گهڙي، ساعت کن، ويرم، ٿوري دير، پلڪ، پَلُ. ذرو، رَتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wink of an eye, a moment, a minute, a glance.
لَحظي جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو،
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 5 ]
لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي،
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 12 ]
سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون،
مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 16 ]
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون،
مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 16 ]
ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو وَرَقُ وِصالَ جو،
تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 4 ]
تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 4 ]
English Meaning
Wink of an eye, a moment, a minute, a glance.