عَدَدُ جي سنڌي معنيٰ
انگ، ڳاڻيٽو، ڳاڻاٽو، تعداد، شمار، ڳڻپ، ٽوٽل، حساب، ليکو، حساب ڪتاب. لکيو، قسمت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Figure, number, digit, a treaty, agreement. A numerical letter.
عَدَدُ جا بيتن ۾ حوالا
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَھي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 4 ]
عَدَدُ ناھِ عِشقَ جو، سُڻِي ٿِيءُ ساڻِي،
ڪانِهي پُڄاڻِي، مَھِندان مُنڌَ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 5 ]
ڪانِهي پُڄاڻِي، مَھِندان مُنڌَ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 5 ]
لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ،
سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ،
ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، ھُتِ پِرِينءَ پَرواھَ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 3 ]