شُڪُرَ جي سنڌي معنيٰ
احسان مڃڻ، احسان، مھربانيون، لائق، ٿورا، شڪرانا، سپاس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thanks giving. Offering thanks.
شُڪُرَ جا بيتن ۾ حوالا
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي،
آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 10 ]

صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]

صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ،
پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 12 ]

شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 25 ]