سِجِ جي سنڌي معنيٰ
سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيہ، سُورِيہ، سِڄُ، مِھر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sun.
سِجِ جا بيتن ۾ حوالا
ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَھَرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَرَ ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لَطِيفُ چئَي، پَٻِ نِھاري، پيرَ،
ڪَھِي جا ڪُويرَ، سا ھادِي ميڙِيين ھوتَ کي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 22 ]
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ،
لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 2 ]
لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 2 ]
اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون،
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
English Meaning
The sun.