سِجَ جي سنڌي معنيٰ
سورج، آفتاب، شمس، آڏِتِ، آدتيہ، سُورِيہ، سِڄُ، مِھر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Suns
سِجَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين،
سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ،
تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 13 ]
سَھِسين سِجَ اُلَھِي، واجِهيندي وِئامِ،
تَنِي سالَ ٿِيامِ، جَنِ ري سَري نَہ ساعَتَڙِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 13 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، سَھِسين سِجَ وِئا،
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان،
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 19 ]
اُڀِرَندي سِجَ سان، پِرِين جَي نَہ پَسَندِيُون،
ڪَڍِي کي ڪانگان، نيوالا نيڻَ ڏِيان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 2 ]
ڪَڍِي کي ڪانگان، نيوالا نيڻَ ڏِيان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 2 ]
English Meaning
Suns