سَچو جي سنڌي معنيٰ
حقيقي، اصلي سچ، نج حقيقي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The real one, truly
سَچو جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھا توکي ڪامَ،
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]
ڪِجي آسَ اللهَ جِي، پِيَ نَہ وِجِهجي پاڻُ،
سَچو جَنِ پَرياڻُ، لَنگهي سي پارِ پِئا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 1 ]
سَچو جَنِ پَرياڻُ، لَنگهي سي پارِ پِئا.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 1 ]
سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين پاڻَ پَساھُ،
جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سَچو اِيءَ گَواھُ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 4 ]
جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ،
وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سَچو اِيءَ گَواھُ.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 4 ]
English Meaning
The real one, truly