رِيسَ جي سنڌي معنيٰ
چَٽاڀيٽِي، چَڙَهَتَ، ويرُ، هَمَسِري، برابرِي. حَسدَ، ساڙو، ايرکا، کامَ، بُغضُ، ٻِيائي، ڪِينو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rivalry, emulation, competition, veining.
رِيسَ جا بيتن ۾ حوالا
عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون جٖي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين،
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين،
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 9 ]
جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو،
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ،
مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،
مورِڇَلُ مَٿانسِ، اُڀو تَماچِي تي ھَڻِي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 27 ]
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَہ کِکِيءَ لائي ھَٿَ،
ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ،
جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ نَہ ڪَندِيُون راڻِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 4 ]
ڪُرَنائِيو ڪيتِرِيُون، مِڙِئو ڪَنِ مِنَٿَ،
جا سَمي وِھارِي سَٿَ، تَنھِن سين رِيسَ نَہ ڪَندِيُون راڻِيُون.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 4 ]
English Meaning
Rivalry, emulation, competition, veining.