رُومَ جي سنڌي معنيٰ
روم. اولهائين ملڪ اٽليءَ جي گاديءَ جو ھنڌ. ھي اوائلي شھر آھي جتي عيسائيت جو مرڪز رھندو پيو آچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rome is the capital city and a special commune of Italy, as well as the capital of the Lazio region. The city has been a major human settlement for almost three millennia. With 2,860,009 residents in 1,285 km², it is also the country's most populated commune.
رُومَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين،
نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 23 ]