دَلِيلَ جي سنڌي معنيٰ
سوال و جواب. ثبوت، ثابتي، رستو ڏيکاريندڙ، سُونھان، بحث، مباحثا، بيان. تقريرون. مثال، بُرهانَ، ڪنھن ڳالهہ جي ثابتيءَ ۾ ڏنل شاهديون. حُجتون. سمجهاڻيون. ويچار، گمان، وهم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Argument, reasoning, demonstration.
دَلِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،
ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 11 ]
ٿِي ڊوڙائي دَلِيلَ، تَہ پُنهونءَ ماڻُهو موڪِلِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 11 ]
جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين،
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
English Meaning
Argument, reasoning, demonstration.