خُوابُ جي سنڌي معنيٰ
ننڊ ۾ ڏٺل نظارو، سَپنو، رُؤيَا. نِنڊ، اُنگهَہ، آرام. خيال، تَصَور، ويچار، وهم، گُمان. بِشارت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dream, vision.
خُوابُ جا بيتن ۾ حوالا
سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]

مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ،
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]

نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو،
ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ،
حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 5 ]
ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ،
حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 5 ]
سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 16 ]
English Meaning
Dream, vision.