حِلمَ جي سنڌي معنيٰ
سَھَڻ جو مادو. برداشت جي طاقت. صبر، تَحَملُ، کانڌ، بردباري. ڪنھن جي سزا ۾ نرمي ڪرڻ جي حالت. نرمي، نرم دلي، نرمائي، مَروت، مِھرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Orbearance, toleration, patience, sedateness, mildness, humaneness, serenity, clemency, affability, gentleness.
حِلمَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاپَڙِي ڪَنَ چيرَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ،
سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ جُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 26 ]

لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

سَنِهيءَ سُئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،
ھَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَھِ وِڌائُون تَنُ،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 22 ]