حَيفُ جي سنڌي معنيٰ
حقارت جو لفظ. افسوس، ارمان، هاءِ هاءِ. لعنت ملامت جو ڪلمو. تُف، ڦِٽَ، شرم ڦيٺ، ڦِٽِڪارَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sorrow, practicing injustice, injustice, violence, oppression. (int) Ah!, Alas!, what a pity!
حَيفُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، وارِيان تان نَہ وَرَنِ،
حَيفُ پُڄاڻا ھوتَ جي، گهارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ،
لُڇان لَئي ليڙَنِ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 16 ]

وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون،
حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو،
ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ ھارِئو،
سيئِي ماري ھَلِئا، جِيئَڙو جَنِ جِيارئو،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، جهوڪُنِ ٿي جُهڻِڪارِئو.
[ سُر ڏھر، وايون، 4 ]

مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]

جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو،
لَنئُن جِي واٽَ مَ لَٽِ، لَنئُن ريءَ حَيفُ ھُوئَڻَ کي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 18 ]