جُهڙَ جي سنڌي معنيٰ
آسمان جو ڪڪرن سان ڇانئجڻ واري حالَتِ، آگم، ڪَڪَر، بادلَ، ميگهہ. ڪڪرن جي ڇانوَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Clouds over sky, condition before raining on sky, shadow of clouds.
جُهڙَ جا بيتن ۾ حوالا
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

پَرتَوو پُنهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جهالا ڏي،
آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 9 ]
آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو راھَ رُئان گهَڻو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 9 ]
سَوين ٻِئا سَردارَ، پانڊَپَ سين نَہ پاڙِيان،
آھي مِثلِ مِينھَن جي، سَخِي تُنھِنجِي سارَ،
حاتِمَ ھَڙدَه ھَزارَ، جُهڙَ تُنھِنجي جَهپِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 5 ]