جهُڙ ڦُڙِ جي سنڌي معنيٰ
جهُڙَ ۽ مِينهَن پَوَڻ جي حالت، برسات، بارش، مينھوڳي، ملهار، بارش جي موسم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Season of rainfall. rain, light raining.
جهُڙ ڦُڙِ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا،
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]

جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ،
اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ،
پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان ڏيئِي تِڪَ،
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻُ ڀَريائِي گهورِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 22 ]

جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ،
جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 23 ]