تُرَھي جي سنڌي معنيٰ
ڪکن، ڪانن ۾ ڪاٺين جو نوڙين ۽ رسين سان تر ٻڌي پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ ٺاھيل ھڪ قسم جو منجو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A raft of wood and reeds.
تُرَھي جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 25 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]

ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ،
صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 42 ]

سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،
جان ڪو جِيئَين ڏِينھَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نانھِن جيڏاھِين نِجِهرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 43 ]

مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]