اُونداھِيءَ جي سنڌي معنيٰ
اُوندھِ. تاريڪي. ڪاري رات، اماس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dark, dark night, black.
اُونداھِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 21 ]
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 21 ]
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ،
ماري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئائُون ڍيرَ،
دَھلِئا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 6 ]

ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ،
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ ڏِييان ڌارَ،
ڪوڙيِين لَکَ ھَزارَ، اِنَ اُونداھِيءَ اَنڌا ڪِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 6 ]
ڪوڙيِين لَکَ ھَزارَ، اِنَ اُونداھِيءَ اَنڌا ڪِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 6 ]
وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائِي،
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 23 ]
آھي اُونداھِيءَ جو، شِرڪُ سَھائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 23 ]
English Meaning
Dark, dark night, black.