اَڱڻُ جي سنڌي معنيٰ
اَڳر، آڳنڌ. گهر جو احاطو. آڳيل، پڌَرُ. صحن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The court yard in front of a house, a yard.
اَڱڻُ جا بيتن ۾ حوالا
ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا،
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 19 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
اَڄُ پُڻ اَڱڻُ ڪيڻانِ، آسَرَ لَڳِي سورِيان،
ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳانِ، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 2 ]

ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]