اَندَرَ جي سنڌي معنيٰ
انتر، ڀِيتر، اندريون ڀاڱو، منجهہ، وچُ. دل، قلب. راز، ڳجهہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Inside, innermost, deep down
اَندَرَ جا بيتن ۾ حوالا
اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ،
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 3 ]
جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ،
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ،
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي،
ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ،
جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 4 ]
ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ،
جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 4 ]
کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين،
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ،
اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،
اَوَسَرِ عِيدُون ڪَنِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 4 ]
پيھِي وِئا پاڻ ۾، ٿا وھسَنِ ويروتارَ،
لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 25 ]
لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 25 ]
ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،
صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري،
اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 3 ]
صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري،
اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 3 ]
ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري،
وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري،
ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ سَري،
لَاْ يَفُوْتُ وَ لَاْ يَمُوْتُ ، سامِيَنِ ڪِينَ سَري،
ڪَڙو مَنجِهہ ڪَڙي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 27 ]

ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
internal (adj.) early 15c., "extending toward the interior," from Medieval Latin internalis, from Latin internus "within, inward, internal," figuratively "domestic," expanded from pre-Latin *interos, *interus "on the inside, inward," from PIE *en-ter- (source also of Old Church Slavonic anter, Sanskrit antar "within, between," Old High German unter "between," and the "down" sense of Old English under); suffixed (comparative) form of root *en "in."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Inside, innermost, deep down