ھاجَ جي سنڌي معنيٰ
ڪم، پورهيو، ڌنڌو، ڪِرت، ڪسب، پيشو، عمل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Work, labor, business, act, affairs, transaction.
ھاجَ جا بيتن ۾ حوالا
آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي،
اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
ساھُ سِجهائي ھَلِئا، ھُنِ جِي ھاجَ ھُئِي،
ڪَھِي سا رَھِي، ٻولِي ٻاروچَنِ جِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 21 ]

تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]