گُمانَ جي سنڌي معنيٰ
شَڪَ، شُبها، ظَنَ، ڀَرم، وَهم، وِسوسا، عبرت، خيال، قياس، قياس آرائيون، ويچارَ، دَليل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Doubts, suspicions, notions, ideas, conjectures, fancies.
گُمانَ جا بيتن ۾ حوالا
مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا،
چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ،
جي جَنِي جا گُمانَ، سيئِي تَنِي سامُھان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 6 ]
چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئا حَيرانَ،
جي جَنِي جا گُمانَ، سيئِي تَنِي سامُھان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 6 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ،
ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ،
لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 3 ]
ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ،
لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 3 ]
English Meaning
Doubts, suspicions, notions, ideas, conjectures, fancies.