گُذرانُ جي سنڌي معنيٰ
گُذرُ، گذارو، تڳاءُ، جياپو، پيٽ قوت، بودو باش، وجود، هئڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Subsistence, living, existence, livelihood.
گُذرانُ جا بيتن ۾ حوالا
گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي.
عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 1 ]

چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي خَلَقِئا رُوحَ خُدا،
گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ،
مُون تَوِھِين سين آھِ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 7 ]

مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ،
ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي اَسان جو مَڪانُ،
سَدا سَنگهارَنِ جو، گَهيٽَنِ سين گُذرانُ.
[ سُر مارئي، وايون، 28 ]