ڪَنواٽَ جي سنڌي معنيٰ
ننڍا اٺ. ٻن سالن جي ڄمار وارو اُٺَ، دَوڪا اُٺَ، گونِرا، توڏا، پانگهڙيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Young camels.
ڪَنواٽَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]
سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين،
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 31 ]
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 31 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ،
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ،
ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا ڪَنواٽَ،
وِنگي جِتي واٽَ، تِتي ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 11 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ ڪَنواٽَ،
لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ،
وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،
جَٽي ڏيئِي جهاٽَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 13 ]
لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ،
وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،
جَٽي ڏيئِي جهاٽَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 13 ]
English Meaning
Young camels.
ڪَنواٽَ ٻول جا زمرا