ڪَشالو جي سنڌي معنيٰ
سخت پورهيو، تڪليف، محنت، ڪَھَ آزار، جنجالُ، رَنج، ڏُکُ، مشڪل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Toil, trouble, affliction, distress, discomfort.
ڪَشالو جا بيتن ۾ حوالا
ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين،
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ،
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
English Meaning
Toil, trouble, affliction, distress, discomfort.