کَپايا جي سنڌي معنيٰ
ڪم آڻي گهٽايا، خرچ ڪيا، صرف ڪيا، ڪم آندا، کائي کپائي ڇڏيا، اُڏائيا، وڃائيا، کوهيا. ناڻي ناس ڪيا، پورو ڪري ڇڏيا، خرچ ڪري ختم ڪيا، ڪتب لائي ڇڏيا، ڪم آڻي ڇڏيا، اُڪائيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To expend, consume. To bother, annoy, trouble.
کَپايا جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا،
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا،
جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 16 ]
English Meaning
To expend, consume. To bother, annoy, trouble.