ڏِنامِ جي سنڌي معنيٰ
مون کي ڏنائون، مون کي مليا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
I've obtained by, have given to me.
ڏِنامِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا،
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ،
چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 5 ]
ڇَپَرَ پيرَ ڇِنامِ، آئُون ڪَنھِن پَرِ ھَلان ڪيچَ ڏي،
ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنامِ، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگَرين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 33 ]
ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنامِ، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگَرين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 33 ]
English Meaning
I've obtained by, have given to me.